تازه ترين

حماس سربراهه اسماعيل هانيا کي اسرائيلي ڳجهي ايجنسي طرفان ايراني ايجنٽن ذريعي قتل ڪرائڻ جو انڪشاف

برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ايران جي ٻن ايجنٽن ذريعي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه کي قتل ڪرايو.

برطانوي اخبار موجب اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد ايراني سڪيورٽي جي ٻن ايجنٽن ذريعي تهران ۾ اسماعيل هانيه جي استعمال هيٺ گيسٽ هائوس جي 3 ڪمرن ۾ ڌماڪيدار مادو رکرايو هو.

برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته  اسماعيل هانيه اڪثر انهن  عمارت ۾ ترسندو هو، اصل منصوبو اهو هو ته اسماعيل هانيه کي مئي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جنازي ۾ شرڪت وقت قتل ڪرڻو هو، پر ان وقت آپريشن نه ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ناڪامي جو خدشو تمام گهڻو هو.

برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني اختيارين وٽ عمارت جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن، جنهن ۾ ايجنٽن کي تيز رفتاريءَ سان ڪمرن مان  ٻاهر نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.

برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪيدار مادو رکندڙ ايجنٽ ملڪ ڇڏي چڪا هئا پر انهن جو تعلق ايران ۾ موجود هڪ ساٿي سان هو، ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو.

برطانوي اخبار پاران پاسداران انقلاب جي هڪ اهلڪار جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته  کيس يقين نه هو ته موساد انصار المهدي سيڪيورٽي يونٽ جي ميمبرن کي ايجنٽ طور استعمال ڪندو.

واضح رهي ته حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه 31 جولاءِ تي ايران جي راڄڌاني تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون