حيدرآباد ۾ بلڊنگز ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪرين جي نالي تي ماڻهن فراڊ واري معاملي جي جاچ شروع ٿي وئي آهي.
نگران حڪومت ۽ اينٽي ڪرپشن جعلي نوڪريون ڏيندڙن ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي.
جعلي نوڪريون ڏيڻ تي اڳوڻي چيف انجنيئر شفيق رحمان ۽ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ادريس راجپوت خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن ۽ ورڪس اينڊ سروس کاتي پاران بيان رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن . اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب، ماڻهن کان جعلي آرڊرن جي بدلي ۾ وڏي رقم هڙپ ڪرڻ جي جاچ جاري آهي .


