سپريم ڪورٽ، پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي فل ڪورٽ ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ ڪٿي به اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو ذڪر ناهي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي فل ڪورٽ جي ٻڌڻيءَ جو ٽن صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو ويو.
حڪم نامي ۾ بل تي اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو ذڪر ناهي.
لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڃا ٻڌڻي هيٺ آهي، چيف جسٽس موجب هو ٻن سينيئر ججن سان بئنچ جوڙڻ واري معاملي تي صلاح مشورا ڪندو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙن ۽ اٽارني جنرل جا دليل ٻڌا. جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهم ڪيس لاءِ ويانا وڃڻو آهي، هن جوابن لاءِ وقت گهريو آهي، ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي ٽي آڪٽوبر تي ٿيندي.


