حڪومت جو مينڊيٽ شڪي هجي ته ملڪ ناهن هلندا: اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جو مينڊيٽ شڪي هجي ته ملڪ ناهن هلندا، کين بنيادي معاملن کي درست ڪرڻو پوندو، ميان نوازشريف سان 35 ورهين جو تعلق آهي ۽ رهندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقاب عباسي چيو ته هو ان سياست سان متفق ناهي جنهن جي چونڊ مسلم ليگ ن ڪئي آهي، هو عوامي راءِ جي حق ۾ آهي. هن چيو ته حڪومت جو مينڊيٽ شڪي هجي ته ملڪ ناهن هلندا، کين بنيادي معاملن کي درست ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت اوترا ئي ڏينهن هلندي، جيترا ان کي آڻڻ وارا هلڻ ڏيندا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد ڇا آهي، اهو کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي، پر ان لاءِ دعاڳو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
52%
3.7m/s
23%
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون