تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٽن ورهين لاءِ قرض پروگرام لاءِ باضابطا ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف سان ٽن ورهين لاءِ نئين قرض پروگرام لاءِ باضابطا ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار رپورٽ  ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف سان ٽن ورهين لاءِ نئين قرض پرگرام لاءِ باقاعده ڳالهيون شروع ڪري ورتيون آهن. رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پروگرام مستحڪم پاليسي لاءِ انتهائي اهم آهي، قرض پروگرام سان ٻاهريون سيڪٽر مضبوط ٿيندو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري  ايندي. ناڻي واري وزارت موجب هلندڙ مالي سال مالي خساري ۾ 26 ڏهائي 8 سيڪڙو اضافو ٿيو، مهانگائي 28 ڏهائي 2 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 26 سيڪڙو ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندڙ مالي سال ناڻي ذخيرن، ايڪسپورٽ، سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري، ايف بي آر اوڳاڙين ۽ نان ٽيڪس آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو. ناڻي واري وزارت موجب ڏهن مهينن ۾ ايف بي آر اوڳاڙين ۾ 30 ڏهائي 6 سيڪڙو اضافو ٿيو، هلندڙ مالي سال نان ٽيڪس آمدنيءَ ۾ 94 ڏهائي 8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. رپورٽ موجب رپئي جي ملهه ۾ بهتري آئي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي، مئي ۾ مهانگائي جي شرح 13 ڏهائي 5 کان 14 ڏهائي 5 ارب جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۾ 10 ڏهائي 6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ امپورٽ ۾ 5 ڏهائي 3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون