تازه ترين

حڪومت جي حمايت ۾ عظيم جلسن پرڏيهي دشمنن جي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي : ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي

- Advertisement -
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي حڪومت جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن تي قوم کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي. ايراني سپريم ليڊر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حڪومت جي حمايت ۾ عظيم جلسن پرڏيهي دشمنن جي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. آيت الله خامنه اي چيو ته پرڏيهي دشمنن جي سازشن تي گهرو ڀاڙي جي ايجنٽن ذريعي عمل ڪرائڻو ھو پر عظيم ايراني قوم دشمنن خلاف پنهنجي ارادي ۽ سڃاڻپ جو مڪمل اظهار ڪيو، مظاهرا آمريڪي سياستدانن کي خبردار ڪرڻ لاءِ آهن. ايراني سپريم ليڊر خامنه اي چيو ته آمريڪا کي پنهنجي دوکي وارين ڪاررواين کي بند ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ايجنٽن تي ڀروسو ڪرڻ بند ڪرڻ کپي، ايراني قوم مضبوط، طاقتور، باشعور ۽ خبردار آھي، دشمن کي سڃاڻي ٿي، ايراني قوم هميشه دشمن خلاف ميدان ۾ موجود آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
36 %
2.9kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون