ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي حڪومت جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن تي قوم کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
ايراني سپريم ليڊر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حڪومت جي حمايت ۾ عظيم جلسن پرڏيهي دشمنن جي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي.
آيت الله خامنه اي چيو ته پرڏيهي دشمنن جي سازشن تي گهرو ڀاڙي جي ايجنٽن ذريعي عمل ڪرائڻو ھو پر عظيم ايراني قوم دشمنن خلاف پنهنجي ارادي ۽ سڃاڻپ جو مڪمل اظهار ڪيو، مظاهرا آمريڪي سياستدانن کي خبردار ڪرڻ لاءِ آهن.
ايراني سپريم ليڊر خامنه اي چيو ته آمريڪا کي پنهنجي دوکي وارين ڪاررواين کي بند ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ايجنٽن تي ڀروسو ڪرڻ بند ڪرڻ کپي، ايراني قوم مضبوط، طاقتور، باشعور ۽ خبردار آھي، دشمن کي سڃاڻي ٿي، ايراني قوم هميشه دشمن خلاف ميدان ۾ موجود آهي.
حڪومت جي حمايت ۾ عظيم جلسن پرڏيهي دشمنن جي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي : ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


