- Advertisement -
خانپور مهر ويجهو پنجاب کان ڇڏيل زهريلي پاڻي جون تباهيون جاري آهن، زهريلو پاڻي واپرائڻ ۽ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ سبب ڪيترائي اٺ مري ويا.
پنجاب جي ڪمپنين ۽ فيڪٽرين جو خارج ڪيل زهريلو پاڻي سنڌ جي ٿر ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب گهوٽڪي ضلعي جي ٿر خاص طور سردارڳڙھ واري پٽي سميت 8 نمبر کان به اڳتي تائين زهريلي پاڻي سبب زمينون بنجر بڻجڻ توڙي مال جي مرڻ سبب ٿر جي ماروئڙن جو جياپو خطري ۾ پئجي ويو آهي
گهوٽڪي ضلعي جي ٿر واري پَٽي ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي واپرائڻ سبب مري ويل اٺن جا فوٽو سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڻي پيئڻ لاءِ ويل اٺ زهريلي پاڻي سبب پيدا ٿيل ڌُٻِڻ ۾ ڦاسي پيا.
پنجاب کان آيل زهريلي پاڻي سردارڳڙھ جي ٿر جي زمينن کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترائي وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آهن.
مقامي ماڻهن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته زهريلي پاڻي جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي آباد زمينون بنجر بڻجڻ کان بچايون وڃن.- Advertisement -
