خانپور مهر ويجهو پنجاب کان ڇڏيل زهريلي پاڻي جون تباهيون جاري آهن، زهريلو پاڻي واپرائڻ ۽ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ سبب ڪيترائي اٺ مري ويا

- Advertisement -
خانپور مهر ويجهو پنجاب کان ڇڏيل زهريلي پاڻي جون تباهيون جاري آهن، زهريلو پاڻي واپرائڻ ۽ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ سبب ڪيترائي اٺ مري ويا. پنجاب جي ڪمپنين ۽ فيڪٽرين جو خارج ڪيل زهريلو پاڻي سنڌ جي ٿر ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب گهوٽڪي ضلعي جي ٿر خاص طور سردارڳڙھ واري پٽي سميت 8 نمبر کان به اڳتي تائين زهريلي پاڻي سبب زمينون بنجر بڻجڻ توڙي مال جي مرڻ سبب ٿر جي ماروئڙن جو جياپو خطري ۾ پئجي ويو آهي گهوٽڪي ضلعي جي ٿر واري پَٽي ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي واپرائڻ سبب مري ويل اٺن جا فوٽو سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڻي پيئڻ لاءِ ويل اٺ زهريلي پاڻي سبب پيدا ٿيل ڌُٻِڻ ۾ ڦاسي پيا. پنجاب کان آيل زهريلي پاڻي سردارڳڙھ جي ٿر جي زمينن کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترائي وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آهن. مقامي ماڻهن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته زهريلي پاڻي جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي آباد زمينون بنجر بڻجڻ کان بچايون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
27%
2.1m/s
0%
خميس
25 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون