تازه ترين

شرجيل انعام ميمڻ عورتن لاءِ اليڪٽرڪ اسڪوٽي جلد متعارف ڪرائڻ لاءِ مسلسل سرگرم

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي،  حڪومت ڪم ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي هڪ هزار اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. اليڪٽرڪ اسڪوٽي ٺاهيندڙ چيني وفد سان ٿيل ملاقات ۾ ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ اليڪٽرڪ اسڪوٽي متعارف ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن لاءِ هنن اليڪٽرڪ اسڪوٽي ٺاهيندڙ چيني واپارين کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. چيني وفد پاران سنڌ ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز متعارف ڪرائڻ ۽ ٽرانسپورٽ کي جديد طريقي سان ترقي ڏيارڻ تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي چيني وفد سنڌ جي ٽرانسپورٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري تي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد صوبي ۾ جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتن کي هٿي ڏيارن لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وفد سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي پنهنجي ڪمپني جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٽرانسپورٽ سسٽم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني سيڙپڪارن جي دلچسپي جي آجيان ڪندي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ هڪ مينيوفيڪچر پلانٽ قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير سنڌ حڪومت پاران وفد کي مڪمل سهڪار ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جي خاطري ڪرائي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته صوبي ۾ بجلي وارين گاڏين جي تياري سان صنعتي ترقي کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50 %
1.7kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون