خانپور ۾ بدامني خلاف شهرين طرفان پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
اعزاز الحق دايو، محمد انس آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافر سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ اغوا روز جو معمول بڻيل آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري شهرين کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.