تازه ترين

نوابشاھ ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ جي شاگردن طرفان في ۾ اضافي خلاف احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نوابشاھھ ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ جي شاگردن طرفان في ۾ اضافي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

حسنين ملاح، ڪاظم ڪليري، عمير ڀٽو، صابر رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي آفيس اڳيان آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ھر طرف ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي تھ ٻي طرف يونيورسٽي ۾ في ۾ اضافو ڪري غريبن کان اعليٰ تعليم جو حق بھ کسيو پيو وڃي.

ھنن چيو تھ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سبب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن تھ يونيورسٽي انتظاميا پاران وڌايل في ڪٿان آڻن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ في ۾ اضافو واپس وٺي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون