تازه ترين

خشڪي وڌهڻ جا ڪهڙا گهڻا سبب آهن؟

- Advertisement -
مٿي جي خشڪي جو ھجڻ عام مسئلو آھي، جنھن جي شڪايت تقريبن ھر ماڻھو ڪندو آھي مٿي جي چمڙيءَ خشڪي سبب ڦاٽندي آھي، اھي اڪثر مالاسيزيانامي فنگس جو وڌيڪ وڌھڻ جي نتيجي ۾ ٿيندو آھي جنھن مان خارش ۽ جلن ٿيندي آھي. خشڪي وڌھڻ جا سبب گھڻا آھن پر ڪجھھ خوراڪ اھڙيون به ھونديون آھن، جيڪي خشڪي ۾ اضافي جو سبب بڻجنديون آھن. کنڊ ۽ پراسيسڊ کاڌن جو وڌيڪ استعمال کنڊ ۽ پراسيسڊ فوڊز جو وڌيڪ استعمال مٿي جي چمڙي تي موجود مائڪرو جينزمون جي توازن کي بگاڙي سگھي ٿو ۽ اھو مالاسيزيا جي نشوونما کي وڌائي ٿو، جنھن جي سبب خشڪي ۾ اضافو ٿيندو آھي مٿي جي خشڪي کي پري ڪرڻ چاھيو ٿا ته کنڊ، سوڊا جھڙن کاڌن کان پرھيز ڪيو. اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ جلد جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي، اوميگا 3 مان بھرپور غذا جو غيرمناسب استعمال مٿي جي خشڪي جو سبب بڻجھندي آھي. ان جي لاءِ اوھان کي کپي ته مڇي، السي جا ٻج ۽ اخروٽ جو وڌيڪ استعمال ڪيو. زنڪ ۽ وٽامن بي 6، بي 7 ۽ بي 12 اھم وٽامنز آھن جيڪي جلد جي لاءِ انتھائي اھم آھن. ان غذا جي ذرات جي ڪمي جلد جي نشونما ۾ خلل وجھي سگھي ٿو ۽ خشڪي جي علامت کي وڌائي سگھي ٿي ان جي لاءِ اوھان کي کپي ته بيف جو گوشت، انڊا، ساوا مرچ، سايون ڀاڄيون، ڪڻڪ جو استعمال وڌ کان وڌ ڪيو. جسم ۾ پاڻي جي ڪمي به خشڪي جو سبب بڻجھندي آھي، اھا نه صرف مٿي جي خشڪي کي وڌائي ٿي پر پوري جسم جي جلد کي خشڪ ڪندي آھي، ان جي لاءِ ماھرين جي طرفان ڏينھن ۾ 8 گلاس پاڻي پيئڻ جي ھدايت ڪئي ويندي آھي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون