تازه ترين

شاھين آفريدي کي ھميشه ڪپتاني کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي: شاھد آفريدي

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاھد آفريدي چيو آهي ته شاھين آفريدي کي ھميشه ڪپتاني کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. هڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي شاھد آفريدي چيو ته هو چاھي ٿو شاھين آفريدي پنھنجي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي. سندس چوڻ هو ته شاھين آفريدي کي لاھور قلندرز جي ڪپتاني جي آفر ٿي ته هن کيس پري رھڻ جي صلاح ڏني. شاھد آفريدي جو چوڻ ھو ته هن پاڻ سميت ڪيترن ئي اڳوڻن ڪپتانن جي پڄاڻي سٺي ناھي ڏٺي، ڪپتاني جي معاملي ۾ شاھين آفريدي سندس ڳالھھ نه مڃي . قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته اڳوڻي پي سي بي چئيرمين کي محمد رضوان کي وائٽ بال جو ڪپتان ٺاھڻ جو مشورو ڏنو ھو. شاھد آفريدي چيو ته پي سي پي کي مشورو ڏنو ته بابراعظم کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
14 %
3.4kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون