تازه ترين

خيبرپختونخوا جي خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي ۾ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان موجب آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ سهيل عرف عظمتو، حاجي گل عرف زرقاوي شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ دهشتگردن جو ٿاڪ به تباهه ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون