خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته  سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي  بنياد تي اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر تبسم عرف قادرمان ۽ دهشتگرد ساجد عرف سرڪنڊي شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب ٻيو آپريشن ڊيرا غازي خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڪيو ويو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، شدت پسند سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ عام شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
25%
4.7m/s
22%
اربع
28 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون