- Advertisement -
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير محمد احمد شاهه حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جلد ٿيندو، سڄي ملڪ جا اديب شرڪت ڪندا، لساني تڪرارن سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، سڀني کي متحد ٿي رهڻو پوندو، سنڌ سرڪار عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
نگران صوبائي وزير ميلي جي موقعي تي سنڌ ميوزيم جي اڱڻ ۾ لڳل اسٽالن جو دورو به ڪيو.
حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد احمد شاهه چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن سان پيار آهي، پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جلد ٿيندو، سڄي ملڪ جا اديب شرڪت ڪندا.
سندس چوڻ هو ته لساني تڪرارن سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، سڀني کي متحد ٿي رهڻو پوندو، هو اظهر سومري ۽ سندس ٽيم کي ادبي ميلو ڪرائڻ تي مبارڪ ڏئي ٿو.
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير محمد احمد شاهه چيو ته هو عدم تشدد ۽ امن پسند آهن، ادب ۽ ثقافت انسان ۾ برداشت جي طاقت پيدا ڪن ٿا.
ڪمشنر آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد احمد شاهه چيو ته سنڌ سرڪار عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي، سنڌ حڪومت چار ارب رپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
هن چيو ته پوئتي پيل علائقن ۾ ڳورهارين عورتن کي علاج سميت 30 هزار رپيه ڏنا ويندا، ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 15 ضلعن ۾ ماءُ ۽ ٻار کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير محمد احمد شاهه چيو ته ضلعي سطح تي ڪميٽيون ٺهي رهيون آهن، عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائي ويندي- Advertisement -
