- Advertisement -
خيرپور پوليس 77 کان وڌيڪ آزاد گهمندڙ اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.
پوليس ۽ ڪورٽ طرفان اشتهاري قرار ڏنل 77 کان وڌيڪ اشتھاري ڏوھارين کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ڪري اهي سمورا ڏوهاري آزاد گهمي رهيا آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز 77 کان وڌيڪ ڏوهارين جي لسٽ پڻ هٿ ڪري ورتي آهي جيڪي قتل، چوري، اغوا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن توڙي ٻين ضلعن جي پوليس وٽ اشتهاري آهن.
اشتهاري قرار ڏنل ڏوهارين ۾ الله ڏنو، عابد علي چانڊيو، عامر، عاشق، مختيار خدابخش، ولي محمد وھاب، غازي جاگيراڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
بي سيڪشن جي ڏوهارين کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل جو ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.- Advertisement -
