تازه ترين

آسٽريليا جي انٽيليجنس چيف هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ”را“ جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪئي آهي

- Advertisement -
آسٽريليا جي انٽيليجنس چيف مائيڪ برگس ڪينيڊا ۾ خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. مائيڪ برگس هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪئناڊا پاران ڀارت تي لڳايل الزام سچا آهن، تصديق کانپوءِ ئي ڪينيڊين حڪومت ڀارت کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو. آسٽريلين انٽيليجنس چيف موجب، ڪينيڊين شهري جو قتل ڀارت ۽ ڪينيڊا تڪرار جو سبب ناهي، ڪنهن به ملڪ جي شهري جو ٻئي ملڪ هٿان سنگين قدم آهي. هن چيو ته آسٽريليا ۾ موجود سـِک شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي انٽيليجنس طرفان مليل ڄاڻ موجب سـِک اڳواڻ جي قتل ۾ مودي حڪومت سڌي ريت ملوث هئي. واضح رهي ته خالصتان نواز سـِک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر کي 18 جون تي ڪئناڊا جي شهر سري ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
2.9kmh
93 %
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون