تازه ترين

دادو: ميهڙ واقعي جي ٻڌڻي، جوابدار سردار چانڊيو غير حاضر، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن، بااثر جوابدار ڪيس مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو  جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جوابدار سردار چانڊيو پاران پيش نه ٿيڻ تي  عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته خطرا هئڻ باوجود عدالتن ۾ اميد سمجهي اچون ٿا ته اسان کي انصاف ملندو.

هن چيو ته ، جوابدار سردار چانڊيو ۽ سندس  وڪيل اڄ عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا، جوابدار ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
66 %
0.6kmh
36 %
جمعو
14 °
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون