فوجي قيادت دهشتگردن سندن مددگارن ۽ همٿائيندڙن کي مڪمل طاقت سان منهن ڏيڻ جو عزم ورجايو آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي مددگارن لاءِ ڌرتيءَ تي ڪا به جاءِ ناهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.
ڪانفرنس دوران ملڪ جي موجوده صورتحال خاص طور سڪيورٽي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
فوجي قيادت عزم ورجايو ته رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪندڙن کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، اهڙا عنصر وڌيڪ خوار ٿيندا.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ معاشي سرگرميون خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائوسنل جي نگران هيٺ جاري آهن، انهن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج معاشي مضبوطي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي نقصان پهچائيندڙ سرگرمين جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مڪمل مدد ڪندي.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته آرمي چيف آپريشنن دوران پيشيوراڻي مهارت جو معيار برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي تي زور ڀروي.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن هر قسم جي سڌي ۽ ان سڌيءَ ريت خطرن خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع جو عزم ورجايو.
پڌرنامي موجب فوجي قيادت کي آڏو چئلينجن ۽ وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ پنهنجي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني وئي.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن توڙي سول سوسائٽي جي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
فوجي قيادت چيو ته رياست هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ سندس خاندانن کي سدائين احترام جي نظر سان ڏسي ٿي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي مددگارن لاءِ ڌرتيءَ تي ڪا به جاءِ ناهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس دوران شهيدن جي ثواب لاءِ فاتحه به پڙهي وئي.