تازه ترين

دهشتگردي مشرف جي دور ۾ شروع ٿي هئي: صوبائي وزير سعيد غني

- Advertisement -
صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته دهشتگردي مشرف جي دور ۾ شروع ٿي هئي، ان وقت به خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو، اڄ وري هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي وڌي رهي آهي. سعيد غني پارٽي اڳواڻن سينيٽر سيد وقار مهدي، وڏي وزير جي صلاحڪار سيد نجمي عالم، اقبال ساند ۽ ٻين سان گڏجي اعظم بستي جي قبرستان پهچي ڪار ساز سانحي ۾ شهيد ٿيل ستن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪار ساز سانحي ۾ سندن ڪارڪنن محترمه بينظير ڀٽو کي محفوظ رکيو، ۽ واقعي جي ٻئي ڏينهن ئي شهيد راڻي پاڻ انهن شهيدن جي گهر وئي ۽ سندن وارثن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته جڏهن شهيد بينظير ڀٽو وطن واپس آئي ته کيس دهشتگردي جا خطرا ٻڌايا ويا ۽ وطن واپس نه اچڻ جو مشورو ڏنو ويو، پر هُن صاف چيو ته هوءَ دهشتگردن کان ڊڄڻ واري نه آهي ۽ پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهندي. سعيد غني چيو ته افغان حڪومت پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي، جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي ته هتي رهندڙ افغان پناهگير پنهنجي ملڪ واپس وڃن، ڇو ته ڪنهن به ملڪ جو غير قانوني شهري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهڻ جو حقدار ناهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پنهنجي ساٿارين ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي ٿو، پر هاڻي کيس سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ڪو نرم هدف ناهي، اهو پيغام سڄي دنيا تائين پهچي ويو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ به احتجاج ڪيو هو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
24 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون