دهشتگرد پارٽيءَ کي سياسي پارٽي وارو چونڊ نشان نه ٿو ملي سگهي: مريم نواز

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته قدرت جو نظام ظالمن کان بدلو وٺي رهيو آهي، توهان جو چونڊ نشان بيٽ نه ڏنڊو آهي جيڪو رياست خلاف استعمال ٿيو، توهان جو چونڊ نشان چوري ٿيل گهڙي يا وري پيٽرول بم هئڻ گهرجي، دهشتگرد پارٽيءَ کي سياسي پارٽي وارو چونڊ نشان نه ٿو ملي سگهي، نواز شريف عزت سان گهر ويو مخالف خواريءَ سان ويا آهن، نواز شريف تي امپائر گڏ ملائي الزام هڻندڙن جا امپائر ۽ مددگار پڪڙجي پيا آهن. اوڪاڙا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف تي ظلم ڪندڙ هڪ هڪ ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي رهيو آهي، دهشتگرد پارٽي کي سياسي پارٽي جو چونڊ نشان نٿو ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کيس چيو آهي ته چونڊ مهم جي شروعات اوڪاڙه کان ڪريو، 8 فيبروري تي اوڪاڙه ۾ شينهن رڙندو. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو چيو ته هي نوازشريف انتقام نه ورتو، قدرت پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، هو بزدل جوتا ڇڏي استعيفيٰ ڏئي ڀڄي ويو، قدرت جي لٺ بي آواز آهي، ظالم جي عدالتي اڱڻ مان جوتا ڇڏي ڀڄڻ جا منظر ڏسي جيڪو نواز شريف جيان سچو هجي ها ته ثابت قدم رهي ها. هن چيو ته جيڪو جيترو وڏو ظالم هوندو آهي اهو اوترو وڏو بزدل هوندو آهي، ٻين جو احتساب ڪندي هي ماڻهو فرعون بڻيل هئا جڏهن اڄ سندن وارو آيو آهي ته اهي جوتا ڇڏي ڀڄي رهيا آهن. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته ماڻهن کي چور چور چوڻ واري واچون چوري ڪيون، ماڻهن جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏهن سندن وارو آيو ته هنن بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو. مريم نواز چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه هنن سان ٿي رهيو آهي ان جا ذميوار هو پاڻ آهن، شور ڪري رهيا آهن ته چونڊ نشان واپس ورتو ويو آهي، توهان جو چونڊ نشان اها واچ هئڻ گهرجي جيڪا چوري ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن کي چون ٿا ته توهان کي ڏنڊي يا پيٽرول بم جو نشان ڏئي ڇڏي. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ فراڊ ڪري اوهان بچي سگهو ٿا ته پوءِ ائين نه ٿيندو، مدر ان لا جي فيصلي جي سهولت ناهي. مريم نواز جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي امپائر سان گڏجي کيڏڻ جي عادت آهي، نواز شريف جو امپائر هي عوام آهي، اوهان جا مددگار پڪڙيا ويا آهن، نواز شريف کي مضبوط حڪومت ڏيڻي آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
71%
3.4m/s
46%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون