- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري گل رکي فاتحه خواني ڪئي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان گڏ شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي فاتحه خواني ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي گل رکيا.
پ پ چيئرمين ۽ پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي به حاضري ڀري.
بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي آخري آرامگاهن تي به گل رکيا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، جمهوريت جي شهيدن جي آخري آرامگاهن تي ملڪي سلامتي ۽ معاشي استحڪام لاءِ دعائون گهريون………..- Advertisement -
