تازه ترين

دولتپور صفن: جي ڊبليو سي طرفان گرلز ۽ بوائز ڪاليج ۾ ليڪچرارن جي کوٽ خلاف ريلي

دولتپور صفن ۾ صحافين، ليکڪن ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيم جي ڊبليو سي طرفان گرلز ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرار مقرر نه ٿيڻ ۽ بوائز ڪاليج ۾  ليڪچرارن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جي ڊبليو سي ڊويزنل شهيد بينظيرآباد جي سڏ تي ڊويزنل آرگنائيزر ولي محمد جوکيو، جسقم دولتپورصفن جي صدر نذير ڏاهري، سماجي اڳواڻ اياز پيرزادي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سينٽرل لائبريري کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ريلي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن، شاعرن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، سياسي، سماجي اڳواڻن، قومپرست ڌرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرار ناهن، 450 کان مٿي شاگردياڻين جي داخلا آهي پر فيميل ليڪچرار نه هئڻ ڪري 30 کان 40 شاگردياڻين جي حاضري آهي.

هنن چيو ته فيميل ليڪچرار نه هئڻ ڪري شاگردياڻيون ڪاليج نه ٿيون اچن، جڏهن ته بوائز ڪاليج ۾ مختلف سبجيڪٽن جي ليڪچرارن جي کوٽ آهي، جنهنڪري شاگردن جي تعليم اڻپوري آهي.

احتجاج ڪندڙن تعليم کاتي جي نگران صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بوائز ڪاليج ۾ ليڪچرارن جي کوٽ ختم ۽ گرلس ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرار مقرر ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,173FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
28 %
0.6kmh
0 %
ڇنڇر
20 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون