تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دولتپور صفن: جي ڊبليو سي طرفان گرلز ۽ بوائز ڪاليج ۾ ليڪچرارن جي کوٽ خلاف ريلي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

دولتپور صفن ۾ صحافين، ليکڪن ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيم جي ڊبليو سي طرفان گرلز ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرار مقرر نه ٿيڻ ۽ بوائز ڪاليج ۾  ليڪچرارن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جي ڊبليو سي ڊويزنل شهيد بينظيرآباد جي سڏ تي ڊويزنل آرگنائيزر ولي محمد جوکيو، جسقم دولتپورصفن جي صدر نذير ڏاهري، سماجي اڳواڻ اياز پيرزادي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سينٽرل لائبريري کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ريلي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن، شاعرن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، سياسي، سماجي اڳواڻن، قومپرست ڌرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرار ناهن، 450 کان مٿي شاگردياڻين جي داخلا آهي پر فيميل ليڪچرار نه هئڻ ڪري 30 کان 40 شاگردياڻين جي حاضري آهي.

هنن چيو ته فيميل ليڪچرار نه هئڻ ڪري شاگردياڻيون ڪاليج نه ٿيون اچن، جڏهن ته بوائز ڪاليج ۾ مختلف سبجيڪٽن جي ليڪچرارن جي کوٽ آهي، جنهنڪري شاگردن جي تعليم اڻپوري آهي.

احتجاج ڪندڙن تعليم کاتي جي نگران صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بوائز ڪاليج ۾ ليڪچرارن جي کوٽ ختم ۽ گرلس ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرار مقرر ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
16 %
3.8kmh
5 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون