- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري خلاف سازش هئي.
اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام پاڪستان کي دنيا جي باوقار ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو.
سندس چوڻ هو ته قائد عوام جو عدالتي قتل اصل ۾ تيز رفتاري سان ترقي ڪندڙ ملڪ جي پٺيءَ ۾ خنجر هڻڻ جيان هو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلاسفي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، هاڻي هن مشن جو نگهبان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي.
هن چيو ته شهيد ڀٽو پنھنجي ملڪ ۽ عوام سان محبت ڪندو ھو، ھيءُ ملڪ سڀني لاءِ مقدس آھي، هو ھن ملڪ کي جنت جھڙو ٺاھيندا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان شھيد ڀٽو جي دور جيان منزلون ماڻيندو.- Advertisement -
