- Advertisement -
امريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان سڪيورٽي پارٽنرشپ جاري رکڻ جي عزم اظهار ڪيو آهي.
امريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿو ملر پريس بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سان سڪيورٽي پارٽنرشپ سندن اولين ترجيح رهي آهي ۽ هو ان کي اڳتي به جاري رکندا.
هن چيو ته هو پاڪستان ۾ هر هڪ سان قانون موجب ورتاءُ ڏسڻ چاهين ٿا، دنيا ۾ هر هنڌ آئين جي حڪمراني جي حمايت ڪن ٿا، هو سڀني امدادي پروگرامن جي نگراني جاري رکندا.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڀارت جي حوالي سان چيو ته نئين دهلي کان سـِک اڳواڻ جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهين ٿا ۽ ڀارت تي سـِک اڳواڻ جي قتل جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
گڏيل قومن طرفان طالبان کي امداد ڏيڻ واري معاملي تي آمريڪي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پارٽنرن کي چيو ويو آهي ته اها ڳالهه يقيني بڻائين ته امداد انهن تائين پهچي، جن کي ضرورت آهي، هو امداد جي نگراني جاري رکندا.- Advertisement -
