تازه ترين

ذوالفقار مرزا ، آصف علي زرداري سان ٻيھر دوستي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پراڻي دوست اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٻيھر دوستي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آھي تھ پراڻن دوستن سان ٻيهر دوستي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آھي، نه ھو زرداري سان ٻيهر دوستي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي هن وٽ ايترو وقت آهي، جيڪڏھن سندس آصف زرداري سان ٻيھر دوستي ٿي وئي ته پوءِ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا.

ڪراچيءَ جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو تھ هاڻي چونڊ وڙهڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏھن عوام چاھيو تھ پوءِ وڙھندس، جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته  ڪنهن به عام ماڻهو کان پڇا ڪري سگهو ٿا.

سندس چوڻ ھو تھ پراڻن دوستن سان ٻيهر دوستي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آھي، نه ھو زرداري سان ٻيهر دوستي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي هن وٽ ايترو وقت آهي.

اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو تھ جيڪڏھن سندس آصف زرداري سان ٻيھر دوستي ٿي وئي ته پوءِ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا.

ھن چيو تھ پھريان ڏھاڙي ڪمائيندڙ جا 8 ڀاتي ماني کائي ويندا ھئا ھاڻي 2 ماڻھو به مشڪل سان ماني کائيندا ھوندا.

اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو تھ سندن ضلعي ۾ 8 سال اڳ ھڪ اسپتال ٺھي ھئي جيڪا اڃا تائين مڪمل فنڪشنل ناھي ٿي سگھي، مريضن کي دوائون به نٿيون ملن…………….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون