- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواستون منظور ڪندي کين چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران اعتراض ڪندڙ جو وڪيل، خانگي بينڪ ۽ درخواست ڏيندڙ جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواستون منظور ڪري ورتيون.
عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 223 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پي ايس 70، 71 ۽ 72 تي به ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.
رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا.
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا تي بينڪ ڊيفالٽر هئڻ جو الزام هو.
هاڻي اعتراض ڪندڙ سعديه جاويد چيو آهي ته سنڌ هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو.- Advertisement -
