ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي وڙهڻ جي اجازت

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواستون منظور ڪندي کين چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اعتراض ڪندڙ جو وڪيل، خانگي بينڪ ۽ درخواست ڏيندڙ جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواستون منظور ڪري ورتيون. عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 223 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پي ايس 70، 71 ۽ 72 تي به ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا تي بينڪ ڊيفالٽر هئڻ جو الزام هو. هاڻي اعتراض ڪندڙ سعديه جاويد چيو آهي ته سنڌ هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.2 ° C
17.2 °
17.2 °
72%
0.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون