پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار ڀٽو جونيئر ڪڍڻ پهچي معصوم نينگري فاطما ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي .
ذوالفقار ڀٽو جونيئر خانواهڻ پهچي مقتول فاطما ڦڙڙو جي پيءُ نديم علي ڦرڙو ۽ امڙ شبانا ڦرڙو سان تعزيت ڪئي .
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته حالتون ايتريون خراب آهن جو نياڻيون به محفوظ نه آهن، فاطما ڦرڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته فاطما ڦرڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيو ڪو ماڻهو اهڙو عمل ورجائڻ جي همت نه ڪري سگهي .