- Advertisement -
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل رئوف حسن ۽ ڀارتي تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري جي پاڪستان خلاف ڳالهه ٻولهه سامهون اچي وئي آهي.
پي ٽي آءِ باني جي رياست مخالف موقف کي پکيڙڻ ۾ هڪ وڌيڪ ڀارتي سهولتڪاري وائکي ٿي وئي آهي.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل رئوف حسن جي آمريڪي صحافي رائن گِرم، ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر، مائيڪل ڪوگل مين کانپوءِ پاڪستان مخالف ۽ اسپانسرڊ ڀارتي تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري سان واٽس ايپ ذريعي رابطن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.
واٽس ايپ پيغام مان واضح ٿئي ٿو ته رئوف حسن پرڏيهي ۽ ڀارتي لابي پي ٽي آءِ باني جي رياست مخالف ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن.
ڀارتي ايجنسي را اسپانسرڊ تجزئي نگار راهول راءِ چوڌري رئوف حسن کان ڪشمير بابت هڪ مضمون جي تصديق لاءِ رابطو قائم ڪيو، جواب ۾ رئوف حسن فوج جي اعليٰ قيادت تي الزام هڻندي ڀارتي تجزئي نگار سان ملاقات جو اظهار ڪيو.
رئوف حسن چيو ته جزوي طور تي درست آهي، باجوه مفاهمت جو خواهشمند هو، ان تي سڀاڻي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.
راهول راءِ چوڌريءَ جواب ڏنو ته اڱاري تي منجهند ساڍي 3 وڳي ملون ٿا.
ان ڳالهه ٻولهه مان صاف واضح ٿئي ٿوته ڀارتي صحافي، رئوف حسن کان پاڪ فوج مخالف ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ڀارتي صحافيءَ چيو ته کيس ائين لڳي ٿو ته فوج امڪاني طور تي ان موقعي کي وڌيڪ اثرائتي نموني ڪنٽرول ڪرڻ طور استعمال ڪري رهي آهي، رئوف حسن پاڪ فوج خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو ته هن وقت هو ٺيڪ آهي، پر ملڪ تيزيءَ سان افراتفري ۽ تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي.
هتي اهو واضح ٿي رهيو آهي ته ڀارتي ڳجها ادارا ۽ ڀارتي ميڊيا پي ٽي آءِ باني کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ سهولتڪاري فراهم ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
