رياست تي حملا ڪندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ ڪي ڳالهيون نه ٿينديون: اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته رياست تي حملا ڪندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، ڪنهن کي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،  حڪومت ملڪ کي اقتصادي ترقي جي رستي تي واپس آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ هائي ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل آجياڻي ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽيرينز سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار نون چونڊيل برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، ثفافت، امن، سلامتي ۽ ترقي لاءِ گڏيل اميدن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن. سندن چوڻ هو ته هاڻوڪي چونڊن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانوي پارليامينٽ لاءِ چونڊيا آهن، جيڪي برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته رياست تي حملا ڪندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، ڪنهن کي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت ملڪ کي اقتصادي ترقي جي رستي تي واپس آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
13%
1.3m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون