راڻيپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.
گڏيجي واسي 18 ورهين جي مجاهد عرف آذان انصاري گهروارن سان ناراض ٿي نگريجا پل وٽان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، ڳولا جاري آهي.
وارثن موجب نوجوان راڻيپور ويل هيو ته ڳوٺ جي ماڻهن کيس روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندي ڏسي ورتو ۽ هنن کي اطلاع ڪيو.
هنن چيو ته هو نوجوان جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن، لاش جي ڳولا ۾ انتظاميا ڪابه مدد نه ڪئي آهي.