تازه ترين

رينجر طرفان اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ گشت ۽ ڇاپن جو سلسلو تيز ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
رينجرز طرفان اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ ۾ اضافو، ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. رينجرز ترجمان موجب، پاڪستان رينجرز سنڌ هيڊڪوارٽر ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. رينجرز ترجمان موجب، اجلاس دوران حضرت علي جي ڏهاڙي، ايسٽر، رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي، چنڊ رات ۽ عيدالفطر جي مناسبت سان خصوصي سڪيورٽي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو ۽ کنيل قدمن جي منظوري ڏني وئي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، ڏوهن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان يقيني بڻائن..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون