تازه ترين

زرعي انڊسٽري ملڪ جو مستقبل آهي، پر ڪجهه دوستن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، هاڻي اهي زراعت تي انڪم ٽيڪس لڳائي رهيا آهن: صدر آصف علي زرداريءَ

صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته زرعي انڊسٽري ملڪ جو مستقبل آهي، پر ڪجهه دوستن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، هاڻي اهي زراعت تي انڪم ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، ملڪ ٺاهڻ ۾ رڳو معاشي پاليسي ئي نه پر ٻيون شيون به ضروري هونديون آهن، وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻ آءِ ايم ايف جي شرط آهي، دنيا جي مضبوط لابي مسلمانن کي ورهائڻ لاءِ هڪ راءِ ٺاهڻ چاهي ٿي، پاڻ هڙتو صحافت نه پر صحافتي آزادي سان گڏ ۽ گروپ ٺاهي ڪنهن مقصد لاءِ ٿيندڙ صحافت خلاف آهن.

لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته  زرعي فارم ۽ انڊسٽري مستقبل آهي، ڪجهه دوستن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، هاڻي اهي زراعت تي انڪم ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، وڏن زميندارن تي انڪم ٽيڪس لڳندي اها آءِ ايم ايف جي شرط آهي.

هن چيو ته ملڪ ٺاهڻ ۾ رڳو معاشي پاليسي ئي نه پر ٻيون شيون به ضروري هونديون آهن.

آصف علي زرداريءَ چيو ته هو پاڻ هڙتو صحافت نه پر صحافتي آزادي سان گڏ آهي، سوشل ميڊيا جو دور آهي، دنيا آڏو پنهنجي ڳالهه رکي سگهجي ٿي، پر ان ۾ به گروپنگ نظر اچي رهي آهي، هو گروپ ٺاهي ڪنهن مقصد لاءِ ٿيندڙ صحافت خلاف آهن.

صدر چيو ته زندگيءَ ۾ هر قسم جي آزمائش ايندي آهي ۽ هر آزمائش کي منهن ڏئي رهيا آهن، محترمه فاطمه جناح جو جنم ڏينهن آهي، سندس ذڪر به ضروري آهي.

آصف علي زرداريءَ چيو ته دنيا جي مضبوط لابي مسلمانن کي ورهائڻ لاءِ هڪ راءِ ٺاهڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اليڪشن ٿي، مودي ميڊيا جو نالو اوهان ٻڌو هوندو، اهو مودي ميڊيا گروپ سندس ارب پتي دسوت ٺاهيو آهي، جيڪو پنهنجي سوچ ماڻهن تائين پهچائي فيصلا پنهنجي حق ۾ چاهي ٿو.

آصف علي زرداريءَ چيو ته آمريڪا ۾ 200 سال پراڻي جمهوريت آهي پر اتي به اهڙي قسم جا ڪم ٿي آهن، ٽرمپ کي ووٽ ڏنو ويو ته اخبارن موجب ان ڳالهه جا به ثبوت مليا آهن ته ٽرمپ جي مدد ڪئي وئي.

صدر چيو ته مٿس جيتري  تنقيد ٿي آهي، شايد ئي ڪنهن تي ٿي هجي، پر هو ٽي وي ناهي ڏسندو، ڇاڪاڻ ته اتي سندس گِلا  ٿيندي آهي، جنهن سان کيس ثواب ملي ٿو…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون