آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي ٽي ڏينهن رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ان ڪيمرا ٻڌڻي بعد عدالت شاهه محمود قريشي کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته وڌيڪ جسماني رمانڊ نه ڏنو ويندو.
ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کان پڇاڳاڇا ڪري رهي رهي آهي