تازه ترين

سانگهڙ ۾ 2016ع آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 184 پوليس اهلڪارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

سانگهڙ ۾ 2016ع آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 184 پوليس اهلڪارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رحمان ملڪ، رياض بگٽي، تنوير مغل، احسان جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2016 ۾ 892 پوليس اهلڪارن آءِ بي اي ٽيسٽ پاس  ڪئي جن مان 708 کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا، باقي 184 پوليس اهلڪارن کي آفر نه مليا آهن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

ھنن چيو ته اڳوڻي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي دور ۾ 2018ع جي چونڊن ۾ ڊيوٽي به ورتي وئي پر اڃا تائين آفر ليٽر نه مليو آهي.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته هو سڀ غريب خاندانن سان واسطو رکن ٿا کين جلد کان جلد آفر ليٽر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون