نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت صلاحڪار مشعال ملڪ چيو آهي ته اسرائيل ۽ ڀارت جي دهشتگردي سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهي آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان فلسطين تي قيامت برپا ٿيل آهي، هر هڪ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، روزانو جي بنياد تي اسرائيلي فوج فلسطيني ٻارن کي قتل ڪري رهي آهي هر 15 منٽن بعد هڪ فلسطيني کي شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ فلسطيني کاڌي پيتي جي شين، دوائن ۽ پاڻي کان محروم آهن.
راولپنڊي چيمبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته اسرائيل طرفان وائيٽ فاسفورس جو استعمال ڪري فلسطيني عوام جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، دنيا اسرائيل تي معاشي ۽ دفاعي پابندي لڳائي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل ۽ ڀارت جيڪو ڪندا آهن اهو دنيا ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو، فلسطين ۽ ڪشمير کليل جيل آهن، سڀ کان وڌيڪ جينو سائيڊ فلسطين ۾ ٿي رهيو آهي.
نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت صلاحڪار مشعال ملڪ چيو ته اسرائيلي فوج هر جنگ ۾ فلسطيني ٻارن کي قتل ڪرڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، فلسطين ۾ 5 کان 6 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي جارحيت جا دنيا تي اثر اچڻ وارا آهن، پيٽروليم شين جي قيمتن تي به اثر پوندو.
هن چيو ته اسرائيل هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي ته هو جيڪو وٺيس اهو ڪري دنيا کيس ڪجهه نٿي ڪري سگهي، دنيا مان ڪوبه مضبوط آواز نه اٿي رهيو آهي جيڪو اسرائيل کي روڪي، ڇا دنيا ۾ ڪوبه ناهي جيڪو اسرائيل کي جنگي ڏوهن کان روڪي سگهي؟.
نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت صلاحڪار مشعال ملڪ غزا جي چوڌاري سرحدون کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي نمائندن کي غزا تائين وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستاني عوام فلسطينين ۽ ڪشميرين سان گڏ آهي، فلسطين ۾ فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي………..