تازه ترين

سعودي عرب جي ڪابينا گڏيل طور تي ايران سان لاڳاپن جي بحالي جي آجيان

سعودي عرب جي ڪابينا گڏيل طور تي ايران سان لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هو ايران سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات جا منتظر آهن.

سعودي ميڊيا موجب سعودي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايران سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ان کي قومي مفاد قرار ڏيندي چيو ته هو لاڳاپن جي بحالي بابت معاهدي جي ٻين نڪتن تي عملدرآمد جو انتظار ڪري رهيا آهن.

سعودي ڪابينا ايران سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان باضابطه حڪمت عملي جوڙڻ تي به غور ڪيو ۽ ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ايران معاهدي تي عملدرآمد لاءِ تيزي ڏيکاريندو.

ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي ايران گڏيل مفادن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جي نئين دور جا منتظر آهن.

عرب ميڊيا موجب، سعودي ڪابينا جو هي غير معمولي اجلاس ايراني پرڏيهي وزير جي سعودي عرب جي دوري ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات کانپوءِ ٿيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون