تازه ترين

سعودي عرب ۾ ڊزني لينڊ آن آئس شو ڪرايو ويو

سعودي عرب ۾ ڊزني لينڊ آن آئس شو ڪرايو ويو جنهن ۾ ڪارٽون ۽ ايني ميٽڊ فلمن جي ڪردار پنهنجي شاندار پرفارمنس سان شوقينن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي.

سعودي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي طرفان ڊزني لينڊ جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ رنگا رنگ شو ڪرايو ويو.

رنگا رنگ شو ۾ سوين ٻارڙن سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊزني لينڊ جي ناليواري ڪارٽون ميڪي مائوس سميت ٻين ڪارٽون ڪردارن پنهنجي پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو.

جادوئي ۽ افسانوي ڪردارن تي ٻڌل ايني ميٽڊ فلمن جي ڪردارن الادين ۽ مونا سميت ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ويٺل ماڻهن کي ڀرپور تفريح فراهم ڪئي.

سعودي عرب ۽ پاڪستان سميت ٻين پرڏيهين ڊزني لينڊ جي فنڪارن کي سندن پرفارمنس تي خوب داد ڏنو ۽ هڪ سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ ڏني.

ڊزني لينڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊزني لينڊ جي سئو سال جو سفر انتهائي شاندار رهيو ۽ سندن ڪوشش آهي ته اڳتي به اهڙو ئي ڪاميابيءَ سان گڏ تفريحي سفر جاري رهي جنهن لاءِ جلد نون ڪردار کي سامهون آندو ويندو ۽ ڏسندڙ پسند ڪندا.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون