- Advertisement -
سعودي عرف جو اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي دوري پاڪستان پهچي ويو آهي.
سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان جي سربراهيءَ ۾ وفد اسلام آباد پهتو، جتي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن آڌرڀاءُ ڪيو.
سعودي وفد جي دوري دوران مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون.
سعودي وفد پاڪستان جي دوري دوران سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺندو، وفد ۾ سيڙپڪاري، پاڻي توڙي زراعت، ماحوليات، صنعت، معدني وسيلن ۽ توانائي وارا وزير شامل آهن.
سعودي وفد صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪندو.
دوري جو مقصد پاڪ سعودي ٻطرفو سهڪار وڌائڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ آهي.- Advertisement -
