سعودي عرف جو اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي دوري پاڪستان پهچي ويو

spot_img
سعودي عرف جو اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي دوري پاڪستان پهچي ويو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان جي سربراهيءَ ۾ وفد اسلام آباد پهتو، جتي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن آڌرڀاءُ ڪيو. سعودي وفد جي دوري دوران مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. سعودي وفد پاڪستان جي دوري دوران سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺندو، وفد ۾ سيڙپڪاري، پاڻي توڙي زراعت، ماحوليات، صنعت، معدني وسيلن ۽ توانائي وارا وزير شامل آهن. سعودي وفد صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪندو. دوري جو مقصد پاڪ سعودي ٻطرفو سهڪار وڌائڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون