- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي شهادت تي سندس نياڻي خوله اسماعيل هانيه چيو آهي ته سندس والد کي شهيد ڪندڙ قيامت تائين پڇتاءُ ۾ رهندا.
ايران ۾ اسماعيل هانيه جي شهادت تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ خوله اسماعيل هانيه چيو ته هو الله پاڪ جا ٿورائتا آهن جنهن سندن والد کي شهادت سان نوازيو.
سندس چوڻ هو ته سندس والد جهاد ڪري رهيو هو، جنهن لاءِ شهيدن ۾ سندس چونڊ ٿيڻ تي هو الله پاڪ جا ٿورائتا آهن ۽ جنت ۾ بلند درجن لاءِ دعاگو آهن.
اسماعيل هانيه جي نياڻي خوله اسماعيل هانيه چيو ته اسرائيلي حڪومت جيڪڏهن اهو سوچي ٿي ته اسماعيل هانيه کي شهيد ڪري کين سڪون ملندو يا هو جشن ملهائيندا ته ائين نه ٿيندو، پر خدا جو قسم سندس والد جو رت قيامت جي ڏينهن تائين پيڇو ڪندو.
خوله اسماعيل هانيه چيو ته الله پاڪ چاهيو ته اسماعيل هانيه جي شهادت جو مطلب مقدس سرزمين جي فتح هوندي…………- Advertisement -
