- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ نوان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، ڪئنالن واري معاملي تي پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي، نئون سال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سال ثابت ٿيندو، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو اپريل يا مئي مهيني ۾ مڪمل ٿيندو، هلندڙ سال ئي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪرڻ جو منصوبو به شروع ڪندا.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتا تمام گهڻا آهن، جيترا ترجمان ايندا اوتر کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، ڪجهه گهٽ عقل وارا ماڻهو غلط خبرون پکيڙي رهيا آهن ته کيس سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي آڇ آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ نوان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، ڪئنالن واري معاملي تي پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، هن وقت سڄي سنڌ ۾ روڊن جي تعمير ٿي رهي آهي، 2 ڏينهن اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افتتاح ڪيو.
هن چيو ته نوجوان خيال سان روڊن تي گاڏيون هلائن ۽ اسپيڊ کان پاسو ڪن، ييلو لائن بي آر ٽي اپريل يا مئي ۾ مڪمل ٿي ويندو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نئون سال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سال ثابت ٿيندو، سنڌ سرڪار جا هلندڙ ننڍا وڏا منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، هلندڙ سال ئي ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي- Advertisement -
