سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 12 خاص مددگار ۽ 8 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 12 خاص مددگار ۽ 8 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، رضا هارون، تنزيلا قمبراڻي ۽ ڪلثوم چانڊيو کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ويرجي ڪولهي، محمد علي ڀٽو ۽ لياقت آسڪاڻي به خاص مددگار ٿي ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب، امير حمزه رئيس ۽ خير محمد شيخ وڏي وزير جا مددگار خاص مقرر ٿي ويا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پير سيد افضل شاهه ۽ امان الله محسود کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب، محمد علي راشد ۽ حسين اسلم پڻ خاص مددگار مقرر ٿي ويا. سنڌ سرڪار وڌيڪ 8 پارٽي اڳواڻن کي ترجمان مقرر ڪري ڇڏيو جن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هير سوهو، سميتا افضل ۽ تحسين عابدي ترجمان مقرر ٿي ويا. نوٽيفڪيشن موجب، اقربا فاطمه، نادر نبيل گبول ۽ سکديو آسرداس ترجمان مقرر ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بلند خان جوڻيجو ۽ مصطفيٰ عبدالله بلوچ کي به ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
34%
4.2m/s
1%
آچر
27 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون