- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي جنهن ۾ ٻلهڻ جهڙي ناياب مڇي به زنده رهي ٿي کين سنڌو درياهه ۽ ٻلهڻ کي بچائڻو پوندو، هو رواداري تحريڪ جي ڏنل احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا.
ڪراچيءَ جي علائقي 71 ڪلفٽن تي شهيد شاهنواز ڀٽو جي 66هين سالگرهه ملهائي وئي، تقريب دوران جونيئر ذوالفقار شهيد شاهنواز ڀٽو جي 66 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.
ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو هڪ انقلابي اڳواڻ هو جيڪو ملڪ ۽ قوم لاءِ عظيم قرباني ڏئي امر ٿي ويو.
هن چيو ته شاهنواز ڀٽو جي ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل قرباني تي هو کيس سرخ سلام پيش ڪن ٿا.
جونيئر ذوالفقار چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي جنهن ۾ ٻلهڻ جهڙي ناياب مڇي به زنده رهي ٿيکين سنڌو درياهه ۽ ٻلهڻ کي بچائڻو پوندو.
هن چيو ته هو رواداري تحريڪ جي ڏنل احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪن ٿا ۽ سنڌ جي باشعور عوام کي ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي ته جيئن سنڌو تي ڪئنالن جهڙي عوام دشمن منصوبي جو خاتمو ڪري.
سالگرهه تقريب ۾ محمد علي مير جت، صلاح الدين چاچڙ، ڊاڪٽر رئوف مغيري، شاھنواز بلوچ، نور محمد گوگو، نوشاد مهر، بنگل چني، شعيب شيخ، ڊاڪٽر اسلم کرل ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي………- Advertisement -
