تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي جنهن ۾ ٻلهڻ جهڙي ناياب مڇي به زنده رهي ٿيکين سنڌو درياهه ۽ ٻلهڻ کي بچائڻو پوندو:جونيئر ذوالفقار ڀٽو

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي جنهن ۾ ٻلهڻ جهڙي ناياب مڇي به زنده رهي ٿي کين سنڌو درياهه ۽ ٻلهڻ کي بچائڻو پوندو، هو رواداري تحريڪ جي ڏنل احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا. ڪراچيءَ جي علائقي 71 ڪلفٽن تي شهيد شاهنواز ڀٽو جي 66هين سالگرهه ملهائي وئي، تقريب دوران جونيئر ذوالفقار شهيد شاهنواز ڀٽو جي 66 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو هڪ انقلابي اڳواڻ هو جيڪو ملڪ ۽ قوم لاءِ عظيم قرباني ڏئي امر ٿي ويو. هن چيو ته شاهنواز ڀٽو جي ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل قرباني تي هو کيس سرخ سلام پيش ڪن ٿا. جونيئر ذوالفقار چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي جنهن ۾ ٻلهڻ جهڙي ناياب مڇي به زنده رهي ٿيکين سنڌو درياهه ۽ ٻلهڻ کي بچائڻو پوندو. هن چيو ته هو رواداري تحريڪ جي ڏنل احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪن ٿا ۽ سنڌ جي باشعور عوام کي ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي ته جيئن سنڌو تي ڪئنالن جهڙي عوام دشمن منصوبي جو خاتمو ڪري. سالگرهه تقريب ۾ محمد علي مير جت، صلاح الدين چاچڙ، ڊاڪٽر رئوف مغيري، شاھنواز بلوچ، نور محمد گوگو، نوشاد مهر، بنگل چني، شعيب شيخ، ڊاڪٽر اسلم کرل ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون