سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪرنسي نوٽن تان تاريخي ماڳ موئن جي دڙي جي تصوير هٽائڻ خلاف ٺهراءُ منظور

spot_img
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪرنسي نوٽن تان تاريخي ماڳ موئن جي دڙي جي تصوير هٽائڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ اسميبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي راشد خان پاڪستاني نوٽن تان موهن جي دڙو جي تصوير هٽائڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه  ٺهراءُ تي ڳالهائيندي  چيو ته موئن جي دڙي دنيا جي ٻين تهذيبن کان گهڻي قديم ۽ شاهوڪار تهذيب آهي. هن چيو ته موئن جي دڙي جي ماڻهن ڦيٿو ايجاد ڪري  دنيا ۾ پهريون مواصلاتي نظام متعارف ڪرايو جيڪا دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهي جنهن کي ويهن رپين نه پر پنجن هزارن جي نوٽ تي ڇاپڻ گهرجي. پ پ ايم پي اي نادر مگسي پوائٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سکر بيراج جي گيٽ 47 جي ڀڄي پوڻ ڪري رائيس ڪينال، کيرٿر ۽ دادو ڪينال تي پوکجندڙ فصل پوکجي نه سگهيا آهن. هن چيو ته آبپاشي کاتي کي گهرجي ته سکي بيراج جي باقي ٻين دروازن جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي. سندس چوڻ هوته سنڌ ۾ بلوچستان جي پاڻي اچڻ سبب ٻوڏون اچن ٿيون جنهن ڪري قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعا متاثر ٿين ٿا. مير نادر مگسي چيوته ايف پي بند جي اولهه پاسي حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ تائين 30 هزار ڪيوسڪ جي گنجائش وارو فلڊ ڪينال تعمير ڪيو وڃي. پ پ ايم پي اي سنڌ حڪومت جي سولر پينل ڏيڻ واري منصوبي تحت ملندڙ سولر پينلز جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏيڻ واري خانگي رٿ پيش ڪئي جيڪا گڏيل طور تي منظو ڪئي وئي. صوبائي وزير گهرو وزير ضيا الحسن لنجار ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  جيڪڏهن ڪي الڪيٽرڪ جو سي اي او سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل ڪميٽي آڏو پيش نه ٿيندو ته ان جي خلاف وارنٽ جاري ڪندا. مختلف ميمبرن پاران پيش ڪيل پنج خانگي ٺهراءُ پارلياماني معاملن واري وزير جي مخالفت سبب رد ڪيا ويا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.6 ° C
6.6 °
6.6 °
35%
1.1m/s
1%
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °
اربع
16 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون